
بالي ووڊ فلمن ۾ ڊريم گرل طور شهرت ماڻيندڙ اداڪارا ۽ بي جي پي جي پارليامينٽ ميمبر هيما مالني تعليمي ادارن ۾ حجاب پائڻ جي مخالفت ڪري ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق هيما مالني اصولي طور تي بي جي پي جي انتهاپسند پاليسين جي حمايت ڪري ڇڏي آهي ۽ هن رياست ڪرناٽڪ ۾ هندو انتهاپسندن جي کنيل قدمن کي هيما مالني درست قرار ڏنو آهي. ان حوالي سان ڳالهائيندي هيما مالني جو چوڻ هو تھ منهنجي خيال ۾ تعليمي ادارن ۾ مذهبي سڃاڻپ نھ هجڻ گهرجي، اتي رڳو يونيفارم پائڻ جي پابندي هجي. هن چيو تھ جنهن کي بھ حجاب پائڻو آهي تھ اهي تعليمي ادارن کان ٻاهر نڪري پائي.