شوبز

بلاول ڀٽو سان شادي بابت نھ سوچينديس: امر خان

پاڪستان جي خوبصورت اداڪارا امر خان چيو آهي تھ پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو منهنجي حوالي سان رشتو آيو تھ مان ان سان شادي بابت نھ سوچينديس. خانگي ٽي وي جي شو ۾ ڳالهائيندي ميزبان جي ڪيترن ئي تکن سوالن جا جواب ڏيندي هن ٻڌايو تھ منهنجي خيال ۾ عمران خان کي سندس ايجنڊا تحت ڪم جي ڏس ۾ ٻيا 5 سال ملڻ گهرجن. هن ٻڌايو تھ مريم نواز نھ رڳو فيشن ۾ بهترين آهي، پر ان جي ڊريسنگ جي چونڊ واري صلاحيت بھ انتهائي لاجواب آهي. جڏهن تھ هن جو پٽ نھ رڳو ڳائڻ ۾ سريلو آهي، ان سان گڏ جو جنٽلمين بھ لڳي ٿو. هن چيو تھ لاهور جا صاف سٿرا روڊ ڏسي ڪراچي ۾ پکڙيل گندگي تي افسوس ٿيندو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button