شوبز

اي مشت خاڪ ۾ تشدد ڏيکارڻ جي خلاف آهيان: عفت عمر

پاڪستاني اداڪارا عفت عمر چيو آهي تھ اي مشت خاڪ ڊرامي ۾ تشدد ڏيکارڻ ۽ هڪ ٻار جي ڏيکاريل ڪردار جي خلاف آهيان، ائين نھ ڏيکارڻ گهرجي ها. برطانوي خابرو اداري کي ڏنل انٽرويو ۾ هن جو چوڻ هو تھ مون کي هن ڊرامي جو اسڪرپٽ نھ وڻيو هو، پر هدايتڪار چيو تھ هي اسڪرپٽ انڌن ۾ ڪاڻن جيان آهي، تنهنڪري گذارو ڪرڻو آهي. عفت عمر ٻڌايو تھ جيڪڏهن مون کي ڪجهه نھ وڻي تھ ان جو مطلب ماڻهن کي نھ وڻڻ ناهي، ڇوتھ مون کي ڪيتريون ئي شيون ناهن وڻنديون پر اهي عوام کي وڻن ٿيون ۽ هٽ وينديون آهن. هن چيو تھ اسان جي عمر وارين عورتن جون ڪهاڻيون ناهن، اهڙيون ڪهاڻيون رڳو پرڏيهه ۾ لکجن ٿيون. هن چيو تھ مان 50 سالن جي ٿي آهيان، پر دل چوندي آهي تھ لپ اسٽڪ بھ لڳائيندي آهيان، تنقيد جي پرواهه ناهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button