اداڪارا ڪرن تعبير انڪشاف ڪندي چيو ته مون کي پهريون ڀيرو ٽي وي تي ڏسي پي گهر کان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو هو. ميڊيا مطابق سوشل ميڊيا تي اداڪارا جو وڊيو ڪلپ وائرل ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ هن چيو ته منهنجو تعلق پنجابي خاندان سان آهي، جڏهن پي کان آڊيشن جي اجازت ورتي ته هن شوبز لا سخت لفظن جو استعمال ڪندي انڪار ڪري ڇڏيو هو، پر گهر ۾ سڀني کان ننڍي ۽ ضدي هئس، انهي ڪري آڊيشن جي اجازت ملي، منهنجي پي کي يقين هو ته منهنجي چونڊ نه ٿيندي، پر هڪ مهيني کان پو فون آيو، جنهن بعد منهنجي پي پهريون ڀيرو ٽي وي تي ڏٺو ته ڪاوڙ ۾ اچي پڇيو ته تو ٽي وي ۾ ڪم ڪيو آهي؟ جنهن کان پو هن چيو ته تون منهنجي لا مري وئين ۽ نڪري وڃ گهر کان، جنهن کان پو منهنجي پي ٻانهن مان جهلي بغير چپل جي رات جو گهر کان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو هو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close