شوبز

ناديا خان معصوم ناهي جو شرارت نھ ڪئي هجي: شائستا لوڌي

پاڪستاني اداڪارا ۽ مارننگ شو جي مشهور ميزبان شائستا لوڌي چيو آهي تھ شرميلا فاروقي کي هاڻ ناديا خان سان پنهنجو جهيڙو ختم ڪري ڇڏيڻ گهرجي، پر ناديا خان بھ ايڏي معصوم ناهي جو ان ڪا شرارت نھ ڪئي هجي. خانگي ٽي وي جي شو ۾ ميزبان جي سوالن جا جواب ڏيندي هن جو چوڻ هو تھ مان تسليم ڪيان ٿي تھ خان مارننگ شو جي ڪوئين آهي، پر ماڻهو منهنجا شو وڌيڪ ڏسندا آهن. هن چيو تھ عمران خان نواز شريف کان بهتر سياستدان ناهي، مون عمران خان کان وڌيڪ ايماندار سياسي اڳواڻ ڏٺو آهي. هن چيو تھ مون وٽ اداڪارن ۽ اداڪارائن سان گڏ سياستدان بھ رنگ اڇو ڪرائڻ جي انجيڪشن هڻائڻ اچن ٿا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button