شوبز

ماهرا خان آهستي آهستي زندگي کي سمجهڻ لڳي

پاڪستان جي سپر اسٽار ماهرا خان آهستي آهستي زندگي کي سمجهڻ جي ڪوشش ۾ مصروف آهي، جنهن کي هن هڪ نامعلوم جو ڪوٽيشن شيئر ڪري بيان پڻ ڪيو آهي. ميڊيا مطابق ماهرا خان هڪ ڪوٽيشن جو سهارو وٺي آگاهي ڏني آهي تھ مان سمجهي وئي آهيان تھ وقت جي رفتار کي روڪي نٿو سگهجي، وجود رکڻ جا سبب معلوم ٿيا آهن، آهستگي سان اونداهن ۽ روشن پاسن جي سمجهه آئي آهي. هن ٻڌايو تھ، مان سمجهڻ شروع ڪيو آهي تھ ڪئين روئجي ٿو ۽ ڪهڙي نموني ٽهڪ جنم وٺن ٿا ۽ انهن جي ذريعي احساس ڪئين جڙندا آهن. مون سکيو آهي تھ زندگي ۾ ملندڙ موجهارن ۽ خوشين جي ڪئين آجيان ڪجي تھ انسان جي ٽٽي پوڻ ۽ اڳتي وڌڻ جو سبب ڪهڙو آهي. هن چيو تھ وڏي ڳالهه اهيا سمجهي تھ اهو ڪئين قبول ڪجي تھ مان ڇا آهيان ۽ ڪئين ڏٺي وڃان ٿي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button