شوبز

شيباني ۽ فرحان اختر شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي ويا

بالي ووڊ فلمن جو اداڪار ۽ هدايتڪار فرحان اختر ۽ ماڊل شيباني ڊانڊيڪر شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي ويا آهن. ميڊيا مطابق فرحان اختر ۽ شيباني ڊانڊيڪر ممبئي ۾ شادي جو منڊپ سجائي رسمون ادا ڪيون آهن. جڏهن تھ شادي واري ڪاڄ ۾ گهوٽ ڪنوار جي گهرڀاتين ۽ ويجها دوست شريڪ ٿيا آهن. رپورٽن ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ فرحان اختر ۽ شيباني ڊانڊيڪر هندو ۽ مسلم رسمن بدران مسيحي رسمن سان ملندڙ انداز ۾ پرڻو ڪيو آهي، جنهن تحت ڪاڄ ۾ موجود ماڻهن جي سامهون جوڙي هڪٻئي کي قبول ڪرڻ جي رسم ادا ڪئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button