شوبز

شادي بعد مڙس ڪم کان روڪي ڇڏيو هو: ندا ياسر

پاڪستان جي مشهور ٽي وي شو جي ميزبان ۽ اداڪارا ندا ياسر انڪشاف ڪيو آهي تھ شادي بعد مڙس ڪم کان روڪي ڇڏيو هو، تنهنڪري بيمار ٿي ڊپريشن جو شڪار ٿي وئي هيس. ميڊيا مطابق سندس ئي شو جي هڪ وائرل ٿي ويل وڊيو ڪلپ ۾ ندا ياسر کي اهو چوندي ٻڌي سگهجي ٿو تھ ڪم کان روڪڻ بابت ياسر نواز چيو تھ ٻارن تي ڌيان نھ پئي ڏيان، تنهنڪري ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏيان. هن جو چوڻ هو تھ شروعاتي طور 6 سال شوبز کان پري رهيس ۽ ڊپريشن ۾ وڪوڙجي ويس. هن چيو تھ مون کي اهو خراب لڳو پئي، ڇوتھ منهنجو ڪيريئر هو، ڪم ڪرڻ جي عادت بھ هئي، ان ڪري پريشاني ٿي. هن چيو تھ شادي کان اڳ ياسر نواز مون کي چيو اهو هو تھ مان ڪم جاري رکنديس.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button