شوبز

نيٽ فليڪس پاڪستاني ويب سيريز ٺاهڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو

دنيا جي مشهور ترين اسٽريمنگ پيلٽ فارم نيٽ فليڪس پاڪستاني ويب سيريز ٺاهڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق پاڪستان ۾ سروس شروع ڪرڻ جي 6 سالن بعد نيٽ فليڪس سيريز بابت اميد پيدا ڪئي وئي آهي. صحافي حسن ڪاظمي ڄاڻ ڏني آهي تھ پاڪستان ۾ مليل موٽ کي ڏسندي نيٽ فليڪس پهرين اصل ويب سيريز ٺاهڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جنهن تحت تيار ٿيندڙ پاڪستاني ويب سيريز 3 سيزنس تي ٻڌل هوندي ۽ هر سيزن ۾ 13 قسطون ڏيکاريون وينديون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button