شوبز

لوپيتا کي ندا ياسر جي شو نھ وڃڻ جو مشورو ملي ويو

هالي ووڊ جي آسڪر ايوارڊ يافتا اداڪارا لوپيتا نيونگ کي ماڻهن جي تمام وڏي اڪثريت ٽي وي ميزبان ندا ياسر جي مارننگ شو ۾ نھ وڃڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق دوست جي شادي جي سلسلي ۾ سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي ۾ ترسيل لوپيتا نيونگ پنهنجون ڪجهه تصويرون شيئر ڪيون،

هالي ووڊ اداڪارا لوپيتا نيونگ مزار قائد وٽ موجود آهي

جنهن تي مداح ندا ياسر جي شو ۾ نھ وڃڻ جو مشورو ڏنو. جڏهن تھ ڪيترن ئي ماڻهن سندس ڪراچي اچڻ تي آجيان ڪئي آهي. لوپيتا نيونگ قائداعظم جي مزار آڏو ۽ مسافر بس ڀرسان بھ ورتل تصويرون شيئر ڪيون آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button