
پاڪستان جي مشهور ٽڪ ٽاڪر جنت مرزا جي مائٽن ۾ فوتگي سبب سندس گيت جي رليز واري تقريب کي ملتوي ڪيو ويو آهي. ميڊيا مطابق جنت مرزا سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي مداحن کي آگاهي ڏني تھ خاندان ۾ فوتگي ٿيڻ سبب گيت دل موڙ دي جي رليز کي ملتوي ڪيو ويو آهي. هن ٻڌايو تھ هاڻ اهو گيت 10 مارچ تي رليز ڪيو ويندو.