شوبز

ماهرا خان 2 لک رپين جي ماليت جا جوتا پائي ٿي

پاڪستان جي خوبصورت اداڪارا ماهرا خان کي پاتل عالمي فيشن برانڊ جي جوتن جي قيمت 2 لک رپيا هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. ميڊيا مطابق ماهرا خان جي فلم باروان کلاڙي سڀاڻي رليز ٿي رهي آهي. جڏهن تھ تقريبن ۾ ماهرا خان کي پاتل جوتن مداحن جو ڌيان ڇڪائي ورتو آهي. ٻڌايو وڃي ٿو تھ ماهرا خان کي پاتل جوتن جي وڊيو ۽ تصويرون وائرل ٿي ويون آهن، جن جي قيمت 2 لک رپيا ڄاڻائي وئي آهي. فيشن برانڊ جي ويب سائيٽ تي بھ جوتن جي قيمت 2 لک 31 هزار ڄاڻائي وئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button