
پاڪستاني اداڪارا يشما گل جو قيمتي موبائل فون سندس ئي گاڏي مان چوري ٿي ويو آهي. ميڊيا مطابق يشما گل ڊفينس 8 ۾ ٻن موٽر سائيڪلن ۾ حاثو ڏسي انهن جي مدد خاطر گاڏي مان لٿي تھ پويان سندس موبائل فون نامعلوم ماڻهو کڻي ويا. ان حوالي سان يشما گل جو چوڻ هو تھ حادثي ۾ ٿيل زخمي 2 ماڻهو گاڏي آڻڻ بعد فون جاچيو تھ اهو گم هو. هن ٻڌايو تھ ماڻهن زخمين مان هڪ جي کيسي مان بھ قيمتي موبائل فون ڪڍي ورتو، جيڪا افسوسناڪ صورتحال آهي.