لاهور:اداڪارا اشنا ۽ دنانيرمبين عوامي هنڌن تي عورتن کي بنا ڪنهن اجازت جي نامناسب طريقن سان ڇهڻ تي ڪاوڙيل آهن. اشنا ٽوئيٽر تي تازو شاپنگ مال ۾ پيش آيل واقعي جو ذڪر ڪندي چيو ته هڪ اجنبي عورت مون سان ملڻ لا منهنجي وارن کي هٿ لاتو، جنهن سان سڄو ڏينهن خراب ٿي ويو. جيڪڏهن آنٽي چهري کي ڇهي ها ته سڄو هفتو خراب ٿي وڃي ها. هن صارفين کان پڇيو ته ڇا اها بدتميزي ناهي؟ جڏهن ته پارٽي گرل دنانير به اهڙي را ڏيندي چيو ته مون سان به ايئن ئي ٿيوآهي، آئون تو سان اتفاق ڪيان ٿي. هن چيو ته بنا اجازت ڇهڻ سان اڻوڻندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻو پوندو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close