
پاڪستان جي خوبصورت اداڪارا حرا ماني هڪ ڀيرو ٻيهر گائيڪي ۾ پنهنجي صلاحيتن کي مڃرائي ورتو آهي ۽ سندس نئين پاپ گيت رليز ٿيندي ئي کيس راڪ اسٽار جو لقب ڏياريو آهي. ميڊيا مطابق حرا ماني پنهنجو نئون پاپ گيت شيئر ڪيو تھ اهو هڪدم ڇائنجي ويو ۽ مداحن ان جي زبردست ساراهه ڪئي، جنهن دوران مداحن جي وڏي تعداد حرا ماني ۾ نازيا حسن جو انداز ۽ جهلڪ ڄاڻائي ڇڏي. هوڏانهن حرا ماني جي گيت کي ڪجهه ڪلاڪن ۾ ڏيڍ لک کان مٿي لائيڪس ملي ويون آهن. ٻئي پاسي حرا ماني چيو آهي تھ گيت کي اميدن کان وڌيڪ موٽ ڏيڻ تي مداحن جي ٿورائتي آهيان.