

ڪراچي (شوبز ڊيسڪ) پاڪستاني اداڪارا غنا علي وضاحت ڪئي آهي تھ هن شادي هلندڙ سال فيبروري ۾ ڪئي هئي، پر ان جو اعلان مئي مهيني ۾ ڪيو هو. ميڊيا مطابق غنا علي پاران جلد ٻار کي جنم ڏيڻ واري خوشخبري ٻڌائڻ تي مداحن جي هڪ انگ سندس اميد سان ٿيڻ بابت ڪجهه شڪ ظاهر ڪيا هئا.