
پاڪستاني اداڪارا ماورا حسين سان ملڪ جي مختلف شهرن مان آيل مداحن ملاقات ڪئي آهي، جنهن دوران انهن ساڻس تصويرون پڻ ورتيون آهن. ميڊيا مطابق ماورا حسين ننڍڙن مداحن ۽ سندن والدين جي اهڙي قسم جي سرپرائيز ملاقات ڪرڻ تي سندن ٿورو مڃيو آهي. ماورا ٻڌايو تھ اها ملاقات فيشن برانڊ جي شوٽ جو حصو پڻ هئي.