پاڪستاني اداڪارا ثنا جاويد خلاف شروع ٿيل تنقيد جو سلسلو ختم نھ ٿي سگهيو آهي، پر حيران ڪرڻ واري ڳالهه اها آهي تھ پاڻ ان معاملي تي مسلسل خاموش آهي. ميڊيا مطابق هدايتڪار عامر يوسف بھ انهن ماڻهن جي فهرست ۾ شامل ٿي ويو آهي، جيڪي ثنا جاويد جي رويي جي شڪايت ڪندي نظر ايندا آهن. ان کان اڳ ماڊل منال سليم، ماهنور شيخ، ميڪ آرٽسٽ واجد خان، اداڪارا رابعا ڪلثوم، سونيا مشال ۽ ٻيا ثنا جاويد تي تنقيد ڪري چڪا آهن. هدايتڪار عامر يوسف جو چوڻ آهي تھ ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ ناهي تھ ثنا انتهائي غيرپيشور عورت آهي، هن منهنجي ڊرامي اعتراض کي برباد ڪيو ۽ منهنجا تعلقات سينيئر هدايتڪار نديم بيگ سان خراب ڪرايا آهن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close