آسڪر ايوارڊ کان اڳ اهم سمجهيو ويندڙ بافٽا ايوارڊ جو اعلان ڪيو ويو آهي، جنهن تحت دي پاور آف دي ڊاگ ۽ ڊيون بافٽا ايوارڊ ٻوهاري ويون آهن. ميڊيا مطابق لنڊن ۾ منعقد ڪيل تقريب ۾ بهترين فلم جو ايوارڊ دي پاور آف دي ڊاگ حاصل ڪيو. جڏهن تھ فلم ڊيون مختلف ڪيٽيگرين ۾ 5 ايوارڊ ماڻي ورتا آهن. دي پاور آف دي ڊاگ جي جين ڪيمپئن بهترين هدايتڪار جو ايوارڊ ورتو.
جڏهن تھ ول سمٿ بهترين اداڪار ۽ جئوانا اسڪينلن بهرين اداڪارا جا ايوارڊ حاصل ڪيا آهن. جيمز بانڊ فلم نو ٽائيم ٽو ڊائي ايڊيٽنگ ۾ ايوارڊ کٽي ورتو آهي. تقريب ۾ ليڊي گاگا پڻ شريڪ ٿي آهي.