شوبز

عروا ۽ فرحان ٻيهر هڪ ٿي ويا، جلد گڏ نظر ايندا

پاڪستاني شوبز دنيا جي مشهور جوڙي عروا حسين ۽ سندس مڙس راڳي فرحان سعيد هڪ ڀيرو ٻيهر هڪ ٿي ويا آهن، جيڪي گڏ نظر بھ ايندا. ميڊيا مطابق عروا حسين ۽ فرحان سعيد وڏي عرصي تائين هڪٻئي کان ڌار رهڻ بعد ٻيهر گڏجي زندگي گذارڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

عروا حسين جو فوٽو شوٽ دوران ڏنل پوز

جوڙي جي ويجهن دوستن جي هڪ کان وڌيڪ ذريعن ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي تھ زال ۽ مڙس گڏ رهڻ جو رٿيو آهي، جيڪي جلد هڪٻئي سان گڏ رهندي نظر بھ ايندا. ياد رهي تھ جوڙي جي وڏي عرصي تائين گڏ نھ رهڻ سبب سندن وچ ۾ علحدگي ٿيڻ جون ڳالهيون عام ٿي ويون هيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button