پاڪستاني ڊرامي بادشاهه بيگم جي مک ڪاسٽ ان کي تفريح ۽ پيغام وچ ۾ جڙيل سنگم قرار ڏئي ڇڏيو آهي ۽ قرار ڏنو آهي تھ هن ڊرامي گيمز آف ٿرونز جيان تفريح جي مقصد سان ئي ڏٺو وڃي. هنن جو چوڻ هو تھ، خيالي دنيا جي فرضي ڪردارن واري ڊرامي ۾ عورت طاقتور ڏيکاري وئي آهي. ڊرامي جي مک ڪردار علي رحمان چيو آهي تھ، ڊرامي مان جنهن کي پيغام وٺڻو آهي وٺي ۽ تفريح بھ ماڻي. بادشاهه بيگم جو ڪردار ڪندڙ زارا نور عباس جو چوڻ هو تھ، بادشاهه بيگم هڪ عورت ۽ ان سان ڳنڍيل رشتن جي ڪهاڻي آهي. جڏهن تھ هن ڊرامي جي ڪهاڻي اڳ ڪڏهن ناهي ٻڌي وئي، اها انسان جو داستان آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close