
پاڪستان جي خوبصورت اداڪارا مايا علي جي نئين فوٽو شوٽ مداحن جي دلين کي موهي ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق مايا علي فيشن برانڊ جو لباس فوٽو شوٽ ۾ متعارف ڪرايو آهي. هوڏانهن مايا علي جي نين تصويرن کي هزارين لائيڪس مليون آهن ۽ مداحن وڏي انگ ۾ سندس انداز کي ساراهيو آهي. هوڏانهن مايا علي ساٿي اداڪار بلال اشرف سان گڏجي پڻ فوٽو شوٽ ڪرايو آهي، جنهن جي پڻ مداحن تعريف ڪئي آهي.