پاڪستاني ٽي وي ميزبان مايا خان چيو مداحن کي اپيل ڪندي چيو آهي تھ، سجل علي ۽ احد رضا مير پنهنجو پيار ۽ گهر وڃايو آهي، ڏک جي هن گهڙي ۾ کين اڪيلو ڇڏيو وڃي. ميڊيا مطابق مايا خان جوڙي جي طلاق جي تصديق ڪرڻ بنا چيو تھ، گهر ۽ محبت جي وڃائجڻ واري ڏک ۾ ٻنهي کي اڪيلو رهڻ ڏنو وڃي تھ جيئن انهن ۾ برداشت جي سگهه پيدا ٿي سگهي. هن چيو تھ ماڻهو الائي ڇو ٻين جي ذاتي زندگي ۾ مداخلت کي وڏو حق سمجهن ٿا، مهرباني ڪري سجل ۽ احد جي حوالي سان افواهه پکيڙڻ بند ڪيا وڃن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close