شوبز

فلم ڪوڊا، ول سمٿ ۽ جيسيڪا آسڪر ايوارڊ کٽي ورتو

هالي ووڊ جي ٻڌڻ جي سگهه کان محروم خاندان جي ڪهاڻي واري ڪوڊا بهترين فلم جو ايوارڊ ماڻي ورتو آهي. جڏهن تھ ول سمٿ بهترين اداڪار ۽ جيسيڪا چيسٽين بهترين اداڪارا جا آسڪر ايوارڊ کٽي ورتا آهن. ميڊيا مطابق لاس اينجلس ۾ سجايل عالمي ايوارڊ تقريب ۾ فلم ڊيون 6 ڪيٽيگرين ۾ ايوار ماڻي اڳيان رهي.

هالي ووڊ اداڪار ول سمٿ بهترين اداڪار جو آسڪر ايوارڊ ماڻڻ بعد پوز ڏيندي

جڏهن تھ بهترين معاون اداڪار ٽروئي ڪوسٽر ۽ بهترين معاون اداڪارا جو ايوارڊ آريانا ڊيبوس حاصل ڪيو آهي. اهڙي ريت جين ڪيمپيئن هدايتڪار ۽ اينڪانٽو اينيمٽيڊ جي ڪيٽيگرين ۾ ڪامياب ٿيا. جڏهن تھ بهترين ڊاڪيومينٽري جو آسڪر سمر آف سول حاصل ڪيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button