شوبز

صوفيا مرزا جا ٻار ٽن هفتن ۾ پاڪستان آڻڻ جو حڪم

سپريم ڪورٽ پاڪستاني اداڪارا صوفيا مرزا جا ٽي ٻارڙا ٽن هفتن ۾ پاڪستان آڻڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق اداڪارا صوفيا مرزا جي ٻارن جي حوالگي واري ڪيس جي ٻڌڻي جسٽس مقبول باقر جي سربراهي ۾ جوڙيل ٽھ رڪني بينچ جي سربراهي ۾ جوڙيل بينچ ڪئي، جنهن دوران درخواستگذار، ڊي جي ايف آئي اي ۽ حڪومتي نمائيندي جا دليل ٻڌڻ بعد عدالت حڪم جاري ڪيو آهي. عدالت پنهنجي رمارڪس ۾ ڄاڻايو آهي تھ وزيراعظم جو پرنسپل سيڪريٽري سمري منظور ڪرائي ايف آئي اي جي ٽيم دبئي موڪلي. جسٽس مقبول باقر رمارڪس ۾ چيو تھ گهرو وزارت جي عملدارن کي بھ ٽيم سان گڏ وڃڻو پوندو، آخر ٻار ڇو نٿا واپس آندا وڃن. پرڏيهي وزارت جي عملدار ٻڌايو تھ ٻار واپس نٿا اچي سگهن، دبئي وڃي درخواست ڏيڻي پوندي. صوفيا مرزا ڪيترن ئي ڪيسن ۾ ٻار آيا آهن، مان 12 سالن کان ذليل ٿيان پئي. ڊي جي ايف آئي چيو تھ سمري وزيراعظم کي موڪلي آهي، جنهن تي عدالت چيو تھ سمري جلد منظور ڪرائي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button