
پاڪستان جي خوبصورت اداڪارا حريم فاروق مداحن کي سدائين خوش رهڻ جو نسخو ٻڌائي ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق حريم فاروق پنهنجي چنچل ادائن واريون تصويرون شيئر ڪندي آگاهي ڏني آهي تھ هن وٽ هميشا خوش رهڻ جو بهترين نسخو موجود آهي، جنهن تي عمل ڪرڻ سان زندگي خوشگوار بڻجي ويندي. هن تصويرن جي ڪيپشن ۾ لکيو تھ، مثبت رهو، شفقت ڏيکاريو، مسڪراهٽون ونڊيو ۽ خواب ڏسندا ڪيو.