شوبز

پاڪستاني ڳائڻي عروج آفتاب ميوزڪ ۾ گريمي ايوارڊ کٽي ورتو

پاڪستاني ڳائڻي عروج آفتاب ميوزڪ جي شعبي ۾ عالمي طور مڃتا ماڻيندي ڪيريئر جو پهريون گريمي ايوارڊ کٽي ورتو آهي. ميڊيا مطابق عروج آفتاب کي سندس گاني محبت جي حوالي سان بهترين گلوبل ميوزڪ پرفارمنس تي ايوارڊ مليو، هن ڪيٽيگري ۾ انجليڪ ڪڊجو ۽ برنا بوائي ۽ ٻيا مشهور راڳي پڻ نامزد ٿيا هئا. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ گريمي ايوارڊ جي بهترين نئين آرٽسٽ جي ڪيٽيگري ۾ بھ عروج آفتاب نامزد ٿيل آهي ۽ آمريڪا ۾ سندس فن جي بھ ساراهه ٿي رهي آهي. عروج آفتاب گريمي ايوارڊ ماڻيندڙ پهرين پاڪستاني عورت جو اعزاز بھ ماڻيو آهي. جڏهن تھ سندس ڪهاڻي بھ دلچسپ قرار ڏني پئي وڃي. عروج آفتاب جو چوڻ آهي تھ مون هي گانو انهن شين بابت تيار ڪيو، جن مون کي ٽوڙيو ۽ حوصلو ڏئي اڳتي پڻ وڌايو آهي، اوهان جي مهرباني جو ٻڌو ۽ حوصلو ڏنو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button