
ڀارت جي مشهور ڪاميڊين ڀارتي سنگهه پٽ کي جنم ڏنو آهي، جنهن بابت سندس مڙس هرش سوشل ميڊيا تي ڪئي آهي. ميڊيا مطابق ڀارتي سنگهه کي پٽ جي پيدائش تي بالي ووڊ اداڪارن سميت ڀارتي شوبز دنيا جي ماڻهن مبارڪن جا پيغام ڏنا آهن. هرش تصوير شيئر ڪندي لکيو تھ ڇوڪرو ٿيو آهي.