پاڪستان جي شوبز دنيا ۾ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان خلاف عدم اعتماد جي تحريڪ ڪامياب ٿيڻ ۽ سندس عهدي تي نھ رهڻ سبب اداسي وارو ماحول ڇائنجي ويو آهي. جڏهن تھ ڪجهه اداڪارائن جو چوڻ آهي تھ انهن سچو ۽ کرو ليڊر وڃايو آهي. ميڊيا مطابق پاڪستان جي اڪثر ڪري اداڪارائن عدم اعتماد تحريڪ جي ڪاميابي تي افسوس ڏيکاري پنهنجو ردعمل ڏنو آهي. اداڪارا مايا علي جو چوڻ هو تھ تاريخ جو ڪارو ڏينهن هو، ٿورو صبر ڪرڻ گهرجي ها، اسان هڪ جوهري ۽ ايماندار وزيراعظم وڃايو آهي.
صنم جنگ جو چوڻ هو تھ منهنجي خيال ۾ پاڪستان ۾ خوفناڪ دور هاڻ شروع ٿيو آهي، ڇوتھ عظيم اڳواڻ کان محروم ٿيا آهيون. سينيئر اداڪار ثمينا پيرزادا جو چوڻ هو تھ، منهنجا ڪپتان اوهان کي وڌيڪ طاقتور ٿيڻو آهي، اچو تھ ايندڙ چونڊن جي تياري ڪيون. جڏهن تھ وينا ملڪ، حريم فاروق، زارا نور، ايمن خان ۽ ٻين چيو تھ عمران خان هن وقت دنيا جو مقبول شخص ترين آهي.