
پاڪستان جي مشهور اداڪارا ۽ ٽي وي ميزبان ندا ياسر مڙس ياسر نواز جي ڪيل شادي جي آڇ تي انڪار ڪرڻ جو انڪشاف ڪيو آهي. ميڊيا کي ڏنل انٽرويو دوران هن مڙس ياسر نواز سان شادي کان اڳ جا دلچسپ واقعا ٻڌايا آهن. ندا ياسر جو چوڻ هو تھ ڊرامي جي سيٽ ياسر سان ملاقات، هن اتي ئي شادي جي آڇ ڪري ڇڏي، مون انڪار ڪندي چيو تھ اوهان سنڌي آهيو، تنهنڪري مان شادي نھ ڪنديس، پر اسين ٻئي سٺا دوست رهي سگهون ٿا. هن ٻڌايو تھ ياسر وراڻيو تھ مان سنڌي آهيان، ڪو غير مذهب ناهيان، اها ڪهڙي بيوقوفي آهي. هن چيو تھ، مون ياسر جي والد جا ڊراما ڏٺا هئا، ذهن ۾ هو سنڌي رعبدار دٻدٻي وارا هوندا آهن، پر بعد ۾ اسان جي شادي ٿي وئي.