شوبز

عاليا ڀٽ ۽ رنبير ڪپور نيٺ شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي ويا

بالي ووڊ جي مشهور جوڙي عاليا ڀٽ ۽ رنبير ڪپور نيٺ شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي ويا آهن. ميڊيا مطابق عاليا ڀٽ ۽ رننبير ڪپور دوستي، شادي ٿيڻ ۽ نھ ڪرڻ جي افواهن بعد آخرڪار باضابطا طور زال ۽ مڙس بڻجي ويا آهن. جڏهن تھ رنبير ڪپور ۽ عاليا ڀٽ پنهنجي گهر واستوو هائوس ۾ روايتي ۽ ثقافتي انداز ۾ ستن جنمن جي ساٿ ڏيڻ وارا ڦيرا ڏنا آهن.

نيتو ڪپور ۽ راڌيما رنبير جي شادي ۾ اچيچ رهيون آهن

شادي جون رسمون هڪ ڏينهن اڳ شروع ٿيون، ميندي ۾ جوڙي جي گهرڀاتين شرڪت ڪئي آهي. شادي جي ڪاڄ ۾ رنبير جي ما نيتو، ڀيڻ راڌيما ۽ ٻين گهرڀاتين ڪاڄ ۾ ڊانس ڪئي. جڏهن تھ ڪاڄ ۾ جوڙي جا ويجها دوست بھ پهتا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button