پاڪستاني اداڪارا مديحا رضوي انڪشاف ڪيو آهي تھ شادي ٿيڻ بعد نڪاح ڪري گهران فرار ٿيڻ جو رٿا جوڙي ورتي هئي. ميڊيا کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ هن شادي ٻن ٻارن جي پيدائش بعد وڏو انڪشاف ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن تھ اداڪار حسن نعمان سان 8 سال اڳ پرڻو ڪندڙ مديحا رضوي جي نڪاح بعد فرار ٿيڻ جي انڪشاف تي مداح حيران ٿي ويا آهن. مديحا ٻڌايو تھ شادي جي رات نڪاح ٿيڻ بعد مون گهران ڀڄڻ جو منصوبو ٺاهيو هو، ڇوتھ حسن سان دوستي بعد ان شادي جي آڇ ڪئي، ها ڪرڻ باوجود ڀڄڻ جو رٿيو، جنهنجو سبب اهو هو تھ مان کيس رڳو دوست سمجهيو پئي، شادي جو سوچيندي غلط هجڻ جو احساس ٿي رهيو هو، پر بعد ۾ اسان سٺا زال ۽ مڙس ثابت ٿيا آهيون.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close