شوبز

عاليا جي ڪپور خاندان ۾ آجيان، جوڙي جي ڇيان ڇيان گاني تي ڊانس

بالي ووڊ جي سڀني کان وڌيڪ انتظار ڪرائيندڙ جوڙي جي شادي خيرن سان ٿي وئي آهي، جنهن بعد گهوٽ جي سئوٽ ڪرينا ڪپور خاندان جو حصو بڻجڻ تي عاليا ڀٽ جي آجيان ڪئي آهي. جڏهن تھ رنبير جي ڀيڻ راڌيما انهن لفظن سان ڀاڄائي جي آجيان ڪئي تھ، همين تم سي پيار هي عاليا. هوڏانهن شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجڻ بعد عاليا ۽ رنبير ڪپور جي هڪ وڊيو وائرل ٿي وئي آهي، جنهن ۾ ٻنهي کي ڇيان ڇيان گيت تي ڊانس ڪندي ڏسي سگهجي ٿو. هوڏانهن عاليا ڀٽ گهر ۾ شادي ڪرڻ جو راز ٻڌائيندي چيو آهي تھ هن گهر اسان لاڳاپن جا 5 سال گذاريا آهن،

نئين ڪنوار عاليا ڀٽ جو دلڪش انداز

ڇوتھ اسان گڏجي وڌيڪ يادگيريون سهيڙڻ جو انتظار نٿا ڪري سگهون، هنن يادن ۾ محبت، ٽهڪ، سڪون واري خاموشي، فلمي راتيون ۽ بيوقوفي وارا جهيڙا ڀريل آهن. هن محبت، رنبير ۽ عاليا لکي پيغام کي ختم ڪيو آهي. جڏهن تھ عاليا ڀٽ جا ذاتي گارڊ ابراهيم يوسف ۽ سنيل تليڪر بھ عاليا جي شادي جي ڪاڄ ۾ جذباتي ٿي ويا ۽ هنن لکيو تھ، هڪڙي ننڍڙي ٻارڙي کي آڱر مان پڪڙي پنڌ ڪرڻ سيکارڻ کان سندس شادي ڪرائڻ تي اسان جي دل جهومي پئي آهي. هوڏانهن رنبير ۽ عاليا ٽريفڪ قانون جي ڀڃڪڙي جي الزام سبب شادي بعد هڪ ٻي ڏچي ۾ پئجي ويا آهن، ڇاڪاڻ تھ سندن پاڙيسرين ان بابت علائقي جي ڪاميٽي وٽ لکت ۾ شڪايت ڪئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button