
پاڪستاني ماڊل صدف ڪنول اميد سان هجڻ جي تصديق سندس سهري اداڪار بهروز سبزواري ڪئي آهي. ميڊيا مطابق بهروز سبزواري ٽي وي شو ۾ ننهن صدف جي سٺائين کي بھ پيش ڪيو آهي. هن ٻڌايو تھ، ها، مان هڪ ڀيرو ٻيهر ننڍي عمر ۾ ڏاڏو بڻجان پيو ۽ گهڻو خوش آهيان. هن جو چوڻ هو تھ مصروفيتن جي ڪري مان پٽ شهروز کي وقت ڏئي نھ سگهيس، تنهنڪري پوٽي نوري سان گڏ وقت گذاريندي خوش هجان ٿو.