بالي ووڊ جي ڇيان ڇيان فيم گرل ملائيڪا اروڙا پاڻ کان 12 سال ننڍي عمر جي ارجن ڪپور سان دوستي تي ٿيندڙ تنقيد کي رد ڪندي چيو آهي تھ سماج ۾ عورتن جي لاڳاپن ۽ رشتن بابت خراب رويا موجود آهن. هڪ تازي انٽرويو ۾ هن جو چوڻ هو تھ اسان وٽ عورت جي ننڍي عمر جي مرد سان دوستي کي تھ توهين سمجهيو ويندو آهي. جڏهن تھ طلاق يا علحدگي جي لمحن ۾ عورتن آڏو زندگي کي جيئڻ لازمي هجي ٿو. هن چيو تھ مان هڪ خودمختيار ۽ مضبوط عورت آهيان، پنهنجو ڪم بھ جاري رکندي آهيان. جڏهن تھ ان ڳالهه کي يقيني بڻايان ٿي تھ روزانو فٽ، مضبوط ۽ خوش زندگي گذاريان.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close