شوبز

زباب رانا پاڪستاني اداڪارائن تي تبصرو ڪري تنقيد جو شڪار

پاڪستاني اداڪارا زباب رانا پاڪستاني اداڪارائن تي تبصرو ڪري پاڻ ئي تنقيد جو شڪار بڻجي وئي آهي. ميڊيا مطابق زباب رانا ڪجهه ڏينهن اڳ ڏنل بيان ۾ ساٿي اداڪارائن کي اسٽائلش نھ هجڻ جو مهڻو ڏنو هو. جڏهن تھ زباب رانا تي تنقيد ڪندي مداحن جي تمام وڏي انگ ڪمنٽس ڪيا آهن تھ، اهڙا بيان خاص ڪري اهڙيون اداڪارائون ڏين ٿيون، جن کي ڪو سڃاڻي ئي نٿو. هنن چيو تھ عائزا، مايا علي، صبا قمر، عائشا عمر جهڙين اداڪارائن جي اسٽائلش هجڻ ۾ شڪ نھ آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button