شوبز

سچن ٽنڊولڪر جي ڌيءَ بالي ووڊ ۾ انٽري ڏيڻ لاءِ تيار

ممبئي :ليجنڊ ڀارتي ڪرڪيٽر سچن ٽنڊولڪر جي ڌيءَ سارا ٽنڊولڪر جلد بالي ووڊ ۾ ڊيبيو ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وئي آهي. ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب 24 ورهين جي سارا تازو ئي ماڊلنگ شروع ڪئي آهي. پي پي آءِ موجب سارا يونيورسٽي ڪاليج آف لنڊن جي گريجوئيٽ آهي، کيس اداڪاري ۾ اچڻ جو گهڻو شوق آهي. سندس ڀاءُ ارجن ڪرڪيٽر آهي ۽ هن وقت آءِ پي ايل ۾ ممبئي انڊينز سان لاڳاپيل آهي. ڪيريئر جي چونڊ ۾ والدين طرفان ڪا به رڪاوٽ نه آئي پر والدين هميشه پنهنجي ڌيءَ جو ساٿ ڏنو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button