شوبز

پاڪستاني فلمن جي پروڊيوسر عمارا حڪمت ٻار کي جنم ڏنو

پاڪستاني فلمن جي مشهور پروڊيوسر عمارا حڪمت ٻار کي جنم ڏنو آهي، جنهن جي جنم جي تاريخ 27 اپريل ڄاڻائي وئي آهي. ميڊيا مطابق فلم ليجنڊ آف دي مولاجٽ جي پروڊيوسر عمارا حڪمت مداحن کي پنهنجي نياڻي جي پيدائش بابت آگاهي ڏني ۽ ٻڌايو تھ نياڻي جو نالو نوحا اسد جميل رکي ڇڏيو آهي. هن نياڻي جي تصوير شيئر ڪندي ڪيپشن ۾ لکيو تھ ڏسو ڪنهن انٽري ڏني آهي. شوبز ستارن مان ماهرا خان، صوفيا، فيروز خان ۽ ٻين اداڪارائن توڙي اداڪارن عمارا کي مبارڪ ڏني آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button