
پاڪستاني اداڪارا زارا نور عباس عيد جي وڳي بابت پريشانين جي ور چڙهي وئي آهي. ميڊيا مطابق زارا نور عباس جي هڪ آڊيو فون ٽيپ ليڪ ٿي وئي آهي، جنهن ۾ اها پنهنجي درزي سان عيد جي وڳي بابت ڳالهيون ڪندي ٻڌي سگهجي ٿي. فون تي زارا نور درزي کي عيد ۾ باقي ٽي ڏينهن هجڻ جو اطلاع ڏئي رهي آهي ۽ اها پنهنجي ڪپڙن جي سبجڻ بابت پريشاني جو اظهار پڻ ڪري رهي آهي. زارا فون تي درزي کي سندس دڪان تي اچڻ جو پڻ چئي ٿي.