شوبز

خاميون ئي اوهان کي ٻين کان ڌار بيهارين ٿيون: صبا قمر

پاڪستان جي خوبصورت اداڪارا صبا قمر چيو آهي تھ اهي خاميون ئي آهن، جيڪي اوهان کي ٻين کان ڌار يا منفرد بڻائي پيش ڪنديون آهن. ميڊيا مطابق صبا قمر سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي پنهنجون سائي رنگ جي وڳي ۾ دلڪش انداز سان ڪجهه تصويرون شيئر ڪيون ۽ انهن جي ڪيپشن ۾ لکيو تھ، ان ۾ ڪو شڪ ناهي رهيو تھ اوهان ئي مون کي نازڪ ۽ نفيس بڻائي ڇڏيو آهي. جڏهن تھ لاپراهي واري انداز ۾ ئي گهمڻ مون کي وڻندو آهي، گهٻراهٽ جو شڪار ناهيان. هن لکيو تھ، زندگي ۾ سدائين پاڻ کي آسودي عورت جيان ئي محسوس ڪيو آهي. هوڏانهن مداحن کي سندس اهو انداز وڻي ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button