
بالي ووڊ جو سينيئر اداڪار ڌرميندر چيلهه ۾ تڪليف سبب چئن ڏينهن تائين اسپتال ۾ علاج هيٺ رهڻ بعد گهر منتقل ٿي ويو آهي. ميڊيا مطابق ڌرميندر گهر ۾ ورزش ڪري رهيو هو تھ کيس چيلهه ۾ سور ٿي پيو هو، جنهن بعد کيس علاج خاطر اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتان ٺيڪ ٿيڻ تي گهر هليو ويو آهي.