شوبز

دوست اداڪار سان رومانٽڪ منظر ڪرڻ آسان آهي: هانيا

پاڪستاني اداڪارا هانيا عامر چيو آهي تھ اوپري ماڻهو جي ڀيٽ ۾ دوست اداڪار سان گڏ رومانوي منظر شوٽ ڪرائيندي وڌيڪ بهتر ۽ آسان لڳندو آهي. برطانوي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن ٻڌايو تھ علي رحمان ۽ مان فلمن کان علاوا بھ سٺا دوست رهيا آهيون، جنهن ڪري ڪيمسٽري ٺهي ويندي آهي ۽ مداحن کي پسند ايندي آهي. هن چيو تھ اسين ٻئي اهڙا دوست آهيون، جيڪي هڪٻئي سان وڙهي ۽ ڪاوڙجي سگهون ٿا. هانيا جو چوڻ هو تھ، عام ماڻهن جي وچ ۾ رهڻ وڻندو آهي، ڇوتھ اسان جا بهتر تنقيد نگار بھ اهي ئي آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button