شوبز

عامر لياقت جي ٽين زال بھ خلع وٺڻ عدالت پهچي وئي

پاڪستان جي مشهور مذهبي اسڪالر ۽ ٽي وي ميزبان عامر لياقت جي ٽين زال دانيا شاهه بھ خلع لا عدالت پهچي وئي آهي. ميڊيا مطابق عامر لياقت جي ٽين زال دانيا شاهه بهاولپور جي عدات ۾ خلع لا درخواست داخل ڪرائي آهي، جنهن جي ڪاپي مقامي صحافي ميڊيا کي جاري ڪئي آهي، جنهن ۾ دانيا شاهه عدالت کي ساڍا 11 ڪروڙ حق مهر ۽ ماهوار لک رپيا ڏيارڻ جي استدعا ڪئي آهي. هوڏانهن ساڳئي صحافي پاران سندس وڊيو بيان ۾ پڻ شيئر ڪيو ويو آهي. دانيا  شاهه سنگين الزام لڳائيندي چيو آهي تھ نام نهاد اسڪالر 4 ڏينهن ڪمري ۾ بند رکي کاڌو بھ نھ ڏنو آهي، جنهن مون تي تشدد ڪرڻ، گهٽا ڏيڻ سان گڏ گولي هڻي قتل ڪرڻ جي ڌمڪي بھ ڏني آهي. هوڏانهن عامر لياقت دانيا شاهه جا الزام رد ڪيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button