ڪراچي جي لياري واسڻ ۽ روايتي بلوچي لباس ۾ حجاب پائي ڳائيندڙ ڳائڻي ايوا بي چيو آهي تھ منهنجي ٽيلنٽ بدران حجاب کي اهميت ڏني وڃي ٿي.
ميڊيا سان ڳالهائيندي هن ٻڌايو تھ حجاب سبب ٻٽي زندگي گذاري رهي آهيان ۽ منهنجا ڌار ڌار روپ سمجهيا وڃن ٿا، پر خوشي ان ڳالهه جي آهي تھ هاڻ اڪثر ڇوڪريون مون کي سندن رول ماڊل هجڻ جا پيغام ڏينديون آهن.
هن چيو تھ ماڻهن جي وچ ۾ هوندي آهيان ۽ ڪو سڃاڻندو ناهي، پر ڪي اکين مان سڃاڻيو وڃن. هن جو چوڻ هو تھ پاڙي جي سهيلين جي مدد سان ڳائڻ شروع ڪيو، ادا کي خبر پئي تھ ڪاوڙ ڪئي، پر والدين آهستي آهستي منهنجي ڳالهه مڃي، هاڻ والدا پروگرامن ۾ گڏ هوندي آهي.