شوبز

صبا قمر ۽ بلال سعيد مسجد وزير خان ڪيس مان بري

پاڪستان جي مشهور اداڪارا صبا قمر ۽ ماڊل بلال سعيد کي عدالت تاريخي مسجد وزير خان جو تقدس مجروح ڪرڻ ۽ توهين مذهب واري ڪيس مان بري ڪري ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق لاهور جي مقامي عدالت صبا قمر ۽ بلال سعيد جي بريت واري درخواست منظور ڪندي کين سمورن الزامن مان بري ڪيو. ٻڌايو وڃي ٿو تھ صبا قمر ۽ بلال سعيد خلاف 2020ع ۾ مسجد جو تقدس پائمال ڪرڻ جو ڪيس داخل ٿيو هو، جنهن ۾ درخواستگذار موقف اختيار ڪيو هو تھ مسجد ۾ گاني جي شوٽنگ ڪندي مسلمانن جا مذهبي جذبات مجروح ڪيا ويا آهن. جڏهن تھ عدالت اداڪارن تي مسجد جي تقدس کي ڇيهو رسائڻ ۽ ناچ گاني جا الزام بھ رد ڪيا ۽ فيصلي ۾ قرار ڏنو تھ ڪيس ۾ توهين مذهب جو عنصر ناهي مليو، شاهد بھ موقعي تي موجود نھ هئا، مسجد مان موسيقي جو سامان بھ ناهي مليو، تنهنڪري ڪيس خارج ڪجي ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button