شوبز

سوناڪشي سنها مڱڻي ٿي وڃڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو

بالي ووڊ جي دبنگ اداڪارا سوناڪشي سنها پنهنجي مڱڻي ٿي وڃڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق سوناڪشي سنها چيچ ۾ منڊي پائي ڪنهن جي ڪلهي تي مٿو رکي ۽ ان جو هٿ هٿن ۾ پڪڙي تصويرون شيئر ڪيون آهن، جن ۾ کيس انتهائي خوش ڏيکاريو ويو آهي.

سوناڪشي سنها چيچ ۾ پاتل منڊي ڏيکاريندي

سوناڪشي سنها تصويرن جي ڪيپشن ۾ لکيو آهي تھ منهنجي زندگي جو وڏو ڏينهن آهي، سڀني کان وڏن خوابن مان هڪ سچ ٿيڻ وارو آهي. هن چيو تھ زندگي جي وڏي خبر مداحن سان ونڊڻ خاطر مون کان وڌيڪ انتظار بلڪل نٿو ٿئي. مداحن جو چوڻ آهي تھ تصوير مان لڳي ٿو تھ سوناڪشي سنها مڱڻي ڪري ڇڏي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button