شوبز

عامر لياقت نماز پڙهڻ بھ نھ ڏيندو هو: دانيا شاهه

پاڪستان جي مشهور مذهبي اسڪالر ۽ ٽي وي ميزبان عامر لياقت کان نڪاح ختم ڪرائڻ جي درخواست عدالت ۾ ڏيندڙ ٽين زال دانيا شاهه چيو آهي تھ عامر لياقت مون کي نماز پڙهڻ بھ نھ ڏيندو هو. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن ٻڌايو تھ جيڪو ماڻهو پنهنجي امڙ جي عزت نھ ڪندو هو، اهو زال جي ڪهڙي عزت ڪندو. هن جو چوڻ هو تھ عورت ذليل ۽ خوار ٿيڻ جي ناهي، دنيا ۾ عزت ۽ خوشي سان رهڻ آئي آهي. جڏهن تھ عورت کي رڳو استعمال ڪرڻ جو ذريعو سمجهندڙ مرد غلط آهن. هن چيو تھ مون کي پيسن جي ضرورت ناهي، مان عامر لياقت سان گڏ اذيت ۾ رهيس، جنهن مان نڪرڻ خاطر اللھ کان دعائون گهريون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button