
پاڪستان ڄائي اوپيرا ڳائڻي سائرا پيٽر اڄ لنڊن ۾ ميوزيڪل نائيٽ ۾ پرفارم ڪندي. ميڊيا مطابق سائرا پيٽر سان گڏ تقريب ۾ امر خان، عمران اشرف، فرحان سعيد ۽ ٻيا فنڪار پڻ پرفارم ڪندا. جڏهن تھ ميوزيڪل نائيٽ جون تياريون مڪمل آهن. سائرا پيٽر جو چوڻ آهي تھ، اسان کي پاڪستاني فلمون پروموٽ ڪرڻ گهرجن.