شوبز

ڀارتي اداڪارا شاهانا جو لاش گهر مان مليو، مڙس گرفتار

ڀارتي ماڊل ۽ ادڪارا شاهانا جو لاش سندس گهر مان مليو آهي، جنهن جي مڙس کي پوليس شڪ جي بنياد تي گرفتار ڪري ورتو آهي. ميڊيا مطابق ڪيرالا جي رهواسي شاهانا جي عمر 20 سال هئي، جنهن جو موت پراسرار نموني ٿيڻ بعد لاش هٿ آيو آهي. جڏهن تھ پوليس شاهانا جو موت پراسرار ڄاڻائي سندس مڙس سجاد کي حراست ۾ وٺي پڇا ڳاڇا ڪئي آهي. هوڏانهن شاهانا جي والدا جو چوڻ آهي تھ موت واري ڏينهن شاهانا جي سالگرهه هئي، مون کي فون ڪري چيائين تھ مان اوهان جي گهر اچان پئي، ڪيڪ ڪاٽينداسين. هن چيو تھ منهنجي نياڻي تمام گهڻي خوش هئي، نٿو لڳي تھ ان ڪو آپگهات ڪيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button