پاڪستان جي مشهور اسڪالر ۽ ٽي وي ميزبان عامر لياقت خلع خاطر عدالت سان رجوع ڪندڙ ٽين زال دانيا شاهه کي مخاطب ٿيندي چيو آهي تھ گهر واپس اچي وڃ، مان توکي ڪجهه نھ چوندس. ميڊيا مطابق هڪ وڊيو انٽرويو ۾ هن جو چوڻ هو تھ، گهر ۾ سمورا نشا دانيا پاڻ کڻي آئي، اها پاڻ ئي اهو سڀ ڪجهه ڪندي هئي. هن چيو تھ دانيا نامناسب ڳالهيون ڪيون، مون سندس گهروارن کي رڳو هاڻ 22 لک ڏنا، مون وٽ بينڪ اڪائونٽس جا تفصيل آهن، جن ۾ کين پيسا ڏنا هئا. هن چيو تھ دانيا ايڏا ڏينهن مون وٽ رهي، پر هاڻ چوي ٿي تھ مون کيس ڪمري ۾ قيد رکيو ۽ ماني نھ ڏني، هي ڪوڙ ڳالهائي رهيا آهن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close